Follow me on Twitter

طرح : آئنده بهارن جا پيغام هُجن شايد

سرن ورکا طرحي مشاعري جي چوٿين نشست
طرح : آئنده بهارن جا پيغام هُجن شايد
صاحبِ طرح : محترم شمشيرالحيدري


صدين کان سُتل سانگي ڪنهن صبح اُٿن شايد
 تاريخ جي سيني تي ڪي ورق لکن شايد

هر دور ستم آڻي، هر دور سهن مارون
 هر دور جي دردن مان ڪجهه هيل سِکن شايد

تو پاڻ قبوليو آ هي طوق غلامي جو
 خود پاڻ وڃايو آ تو پنهنجو حُسن شايد

صدين جي روايت کي اچ پاڻ ڇڏيون ٽوڙي
 تو – مونکي ڏسي باغي ڪي ساڻ هلن شايد

رابيل سان راهن ۾ ڳالهيون هي گلابن جون
 آئنده بهارن جا پيغام هُجن شايد

ڪنهن روشن صبح جا مون خواب ڏٺا جيڪي
 نيڻن مان وڃي نڪري تعبير ڇُهن شايد

منزل جي صفا ويجهو پهچي ته ڪندس سڏڙا
 جن ڪين ٻڌي منهنجي سي هيل ٻُڌن شايد

0 comments: