Follow me on Twitter
طرح : سنڌ جا هن اجهاڻل اجها عيد تي
سنڌي
ادبي گروپ جي طرحي مشاعري جي پهرين نشست
طرح : سنڌ جا هن اجهاڻل اجها عيد تي
صاحبِ طرح : محترم وسيم
سومرو
درد جيڪي سنڀالي رکيا عيد تي
تن کي ميڙي ڪا لکجي ڪٿا عيد تي
تو جي پردو هٽائي ڏٺو سانوري
ڪيترا ئي ڪُٺا بانورا عيد تي
چنڊ هو بادلن ۾ ۽ تنهنجو اچڻ
هوش تارن جا اُڏري ويا عيد تي
ڄامشورو ۽ سنڌو، هي منظر هتي
اوپرا ٿا لڳن تو سواءِ عيد تي
تو سواءِ ڪو سڄڻ غزل سرجي نٿو
ڪين ٿا اڄ ملن قافيا عيد تي
آفتن ئي لُٽي پنهنجي هر هڪ خوشي
سنڌ جا هن اجهاڻل اجها عيد تي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: