Follow me on Twitter
طرح : وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو
سرن
ورکا طرحي مشاعري جي ٽي نشست
طرح : وساريم گهڻو
ئي مگر ياد آيو
صاحبِ طرح : محترم مخدوم
طالب المولي
-----------------------------------------------------------------------------------------------
صُبح شام ڪوئي اگر ياد آيو
ته ننڍڙو حُسن جو نگر ياد آيو
ٿيس ڪيئن مدهوش هُن جي پُڇڻ تي
سکي جي اکين جو اثر ياد آيو
ٿيو تذڪرو جي جفا جو او سائين
اسان کي اوهان جو هُنر ياد آيو
ايئن ياد تنهنجي ستائي اسان کي
جيئن مارئي کي هو ٿر ياد آيو
اسان خواب پنهنجي تي پهرو ڏنو پر
خبر ڪيئن ، ڪهڙي پهر ياد آيو
هُو سنڌ ڪنارو، مٿان شام منظر
وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: