Follow me on Twitter

سڄو ڏينهن تنها کڻي بار کي

غزل

شاھجھان سُمیل

سڄو ڏينهن تنها کڻي بار کي
ڏجي اڄ ته آٿت انهي ٻار کي

نه احساس جو ڪو رهيو نانءُ هِت
سڄڻ ڇا ٿيو اڄ ته سنسار کي

بهارن به گُلشن آ اهڙو لُٽيو
ڪڏهن گُل ڏسون ٿا ڪڏهن خار کي

ضرورت ڏسي ٿي نه رشتا هتي
ٽڪن تي ٿا وڪڻي ڇڏيون پيار کي

ڪرين چاهتن جي به سوداگري
ڇڏي ڏي زمانا اِن وهنواز کي

وري هيل هُن کي وساري ڏٺم
مگر ڪين نه روڪي سگهيم سار کي

0 comments: