Follow me on Twitter
ڪين ساري جهان جي آهي
غزل
شاھجھان سُمیل
ڪين ساري جهان جي آهي
هو ته بس شاهجهان جي آهي
تير ڄاڻان ٿو تو نه ڇوڙيو آ
يار غلطي ڪمان جي آهي
خوب ڄاڻي ٿو حالِ دل منهنجو
ڇا ضرورت بيان جي آهي
زندگي ڇا چوان سوا تنهنجي
ڪا گهڙي امتحان جي آهي
ناز هُن تي ته يار واجب آ
ڳالهه هُن جي ئي شان جي آهي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: