Follow me on Twitter
نرم نازڪ هٿن ۾ ڪڙا هيل ڀي
غزل
نرم نازڪ هٿن ۾ ڪڙا هيل ڀي
چيلهه کي ٿا چُمن ۽ گهڙا هيل ڀي
ويس ڳاڙهي ۾ نڪتيون پهر شام جي
دل لُڀائن ۽ تن جا پڙا هيل ڀي
ڪين موسم بهارن جا موٽيا وري
منتظر ئي رهيا هِن چڙا هيل ڀي
درس تاريخ کي منهنجي تهذيب جو
ٿا ڏين روز موهن دڙا هيل ڀي
تو کي پنهنجا محل هي مبارڪ سکي
پاڻ کي هي مٺا جهوپڙا هيل ڀي
خوب برسيا ڪڪر سنڌ تي هِن سُميل
پر نه ٿر تي وسيا ڪي ڦڙا هيل ڀي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: