Follow me on Twitter

هوش منهنجي کي ڪري هر هر خطا روشن رهيا

غزل

هوش منهنجي کي ڪري هر هر خطا روشن رهيا
عڪس تنهنجا نيڻ آڏو دلرُبا روشن رهيا

شام ويندي ئي ٿيون سڀ مسجدون  ويران ۽
رات ساري شهر جا پر مئڪدا روشن رهيا

زندگي الجهي پئي هت روز ساهن سان مگر
انتظارِ وصلِ جانان جا ڏيئا روشن رهيا

ڳوٺ جي اڄ جهوپڙين ۾ هن لٿيون تاريڪيون
پر اميرِ شهر جي هِن گهر سدا روشن رهيا

منهنجي نيڻن ۾ ته تنهنجو آشيانو آ مگر
جن ڏٺو تو کي پرين سي آئينا روشن رهيا


0 comments: