Follow me on Twitter
توکان هڪڙو سوال پُڇان مان
نظم (شاهجهان سُميل)
توکان هڪڙو سوال پُڇان مان ..؟
مورمري ويا ملڪ ۾ آهن
ڪانئر قوم يا ساري آهي
لاشا لاشا روز ڪراچي
مقتل اڄ ڇو لياري آهي
نيڻن نير ۽ مٿو اگهاڙو
هر هڪ ماءُ ويچاري آهي
آخر ڇو خاموش تون آهين
جان ڇا تو کي پياري آهي
ڪنڌ جهُڪائي جيئڻ به جاني
قوم سڄي لئه خواري آهي
اڄ ڪنهن ٻئي جي ننگ وئي آ
پڪ پوءِ تنهنجي واري آهي
پيءُ به تنهنجو عاجز هُن لا
ڇا هو هُن جو هاري آهي
ڌارين کي ٿا شهر ورهائين
سنڌ سان هي غداري آهي
مان ته لُڇان ٿو سنڌ امڙ لئه
تو لئه ڇا سا ڌاري آهي
شاعر تو وٽ قلم ۽ ڪاغذ
ڇا جي پوءِ لاچاري آهي
...
تو کان هڪڙو سوال پُڇان مان
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: