Follow me on Twitter

مون نه ڄاتا هيا

غزل

مون نه ڄاتا هيا
ڪير ڇا ڇا هيا

درد مون پاڻ کي
پاڻ آڇيا هيا

جن ڪئي آ دغا
يار گهاٽا هُيا

جت خوشين جا ڪڏهن
ساڻ پاڇا هيا

موت اڄ ڀي ڪيا
اُت تماشا هيا

تن ڪُلهن کان پُڇو
جن تي لاشا هُيا






0 comments: