Follow me on Twitter

وري آ جنوري جانان

وري آ جنوري جانان
شاھجھان سُمیل

هميشه سرد موسم ۾ 
جلي ٿي باهه جذبن جي
پوي ٿي دل ٻري جانان
وري آ جنوري جانان

اسان جي سوچ جا ڀاڪر
پرين تو کي ئي ٿا چاهن
ٿئي ٿي دل چري جانان
وري آ جنوري جانان

هجر جو حال ڪهڙو بس
سوا تنهنجي نه هڪ پل لئه
اسان جي آ سري جانان
وري آ جنوري جانان

ڊسمبر ۾ رهيا جيڪي
اڌورا خواب شاعر جا
گهُرن ٿا دلبري جانان
وري آ جنوري جانان


0 comments: