Follow me on Twitter
سوچ کي پنهنجو ڪجي
غزل
شاھجھان سُمیل
سوچ کي پنهنجو ڪجي يا سار کي پنهنجو ڪجي
تون چئو پو ڪئين ڀلا دلدار کي پنهنجو ڪجي
دل پريشان آ گهڻي من کي سُڪون ئي ڪونه آ
بس اهيو اُلڪو ته ڪيئن منٺار کي پنهنجو ڪجي
هي زمانو محبتن ۾ شرڪ جو قائل پرين
مان منجهيل آهيان ڪيئن هڪ يار کي پنهنجو ڪجي
مان صليبي چاهه ۾ ٿو بس اهيو ئي سوچيان
درد کي پنهنجو ڪجي يا دار کي پنهنجو ڪجي
قوم جي لاشن تي سوچين ٿا ويهي سياسي خُدا
قوم جو آ خير اچ سرڪار کي پنهنجو ڪجي
آ سٺو هي سنئوڻ ماءُ پيءُ جيڪڏهن سوچين پيا
ڇو نياڻي لئه ڀلا بيڪار کي پنهنجو ڪجي
سنڌ کي تون جيڪڏهن گُلشن چوين ٿو پو سڄڻ
اچ ته ان گلشن جي ئي گُل خار کي پنهنجو ڪجي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: