Follow me on Twitter
هوءِ همدردي وفا سمجهي پيو
غزل
شاھجھان سُمیل
هوءَ همدردي وفا سمجهي پيو
آ صفا نادان ڇا سمجهي پيو
پٿرن جي ديس ۾ هوءِ آ رهيو
پاڻ کي هاڻي خُدا سمجهي پيو
شخص جو ساري عمر هُن لئه رنو
تنهن کي اڄ نا آشنا سمجهي پيو
شهر تنهنجي ۾ سڏيو جي ڪنهن هيو
هُـو چريو تنهنجي صدا سمجهي پيو
ڇا ڪجي تنهن برهه جي بيمار کي
درد کي ڀي جو دوا سمجهي پيو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: