Follow me on Twitter
چــــــنڊ کي هو ڇا ٿيو، خاموش هو
غزل
چــــــنڊ کي هو ڇا ٿيو، خاموش هو
رات ساري ڇو چريو، خاموش هو
چانڊوڪي سان سوڳ ۾ گُم سُم رهيو
ڪين هو تارن پُڇيو، خاموش هو
دوستي ڄڻ هُن نڀائي درد سان
هر خوشي کان ڏُور ٿيو، خاموش هو
لاڙ جي جهوني صبر تان گهور مان
بادلن سڀ ڪجهه لُٽيو، خاموش هو
ايتري عرصي کان پو ڪلهه راهه ۾
اوچتو جي هُو مليو، خاموش هو
مون پُڇيو هو مُرڪ هُن جي جو پتو
پر نه لمحي لئه ڪُڇيو، خاموش هو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
1 comments:
Wah Behtreen Shairi ahy.. Khoobsoorat khayal.