Follow me on Twitter
برهه جي هُو باهه سان اٽڪي پئي
غزل
شاهجهان سُميل
برهه جي هُو باهه سان اٽڪي پئي
عشق جي آڙاهه سان اٽڪي پئي
ٿي ويا سارا وچن ڪوڙا مگر،
دل اڃا ويساهه سان اٽڪي پئي
وهڪري جي شور مان محسوس ٿيو
ڄڻ ته سهڻي واهه سان اٽڪي پئي
جن به رستن تان گذر تنهنجو هُيو
هر نظر اُن راهه سان اٽڪي پئي
ڳوٺ جون ڪومل کڻي ڪي خواهشون
شهر جي هُو چاهه سان اٽڪي پئي
هُن سنواريا زلف جڏهن هئا، ڦڻي
آئيني جي آهه سان اٽڪي پئي
زندگي جا ساهه کان آهي مٺي
زندگي سا ساهه سان اٽڪي پئي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: