Follow me on Twitter
هو اڄ به زندهه آ
هو اڄ به زندهه
آ (نظم)
هو اڄ به زندهه آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
تون سمنڊ ڪناري تي
ڪنهن ڪاڪي ڪراڙي کان
جي هُن جو پُڇائيندين
هو لڙڪ وهائيندو
۽ تو کي ٻڌائيندو
هر لڙُڪ ۾ هُو آهي
تو کي مڃڻو ئي پوندو
تون لاڙ اتر وڃجان
هر گهٽي ۽ گهر وڃجان
هر آلي اک ڏسجان
اُميد کسيل اکڙين
کان سوال سوين پُڇجان
تو کي لفظ ۽ لُڙڪن ۾
ڪو عڪس نظر ايندو
جي ايئن به يقين نه اچئي
سنڌ جيجل جي ڪنهن جيجل کان
تون هُن جو پتو پُڇجان
روئيندي پٽيندي هو
ڇاتي تي هٿ هڻندي
هر دانهن ٻڌائيندي
سنڌ راڻي جو پتو توکي
هر دل ۾ هُو رهندي آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
هُو اڄ به زندهه آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
هو اڄ به زندهه آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
تون سمنڊ ڪناري تي
ڪنهن ڪاڪي ڪراڙي کان
جي هُن جو پُڇائيندين
هو لڙڪ وهائيندو
۽ تو کي ٻڌائيندو
هر لڙُڪ ۾ هُو آهي
تو کي مڃڻو ئي پوندو
تون لاڙ اتر وڃجان
هر گهٽي ۽ گهر وڃجان
هر آلي اک ڏسجان
اُميد کسيل اکڙين
کان سوال سوين پُڇجان
تو کي لفظ ۽ لُڙڪن ۾
ڪو عڪس نظر ايندو
جي ايئن به يقين نه اچئي
سنڌ جيجل جي ڪنهن جيجل کان
تون هُن جو پتو پُڇجان
روئيندي پٽيندي هو
ڇاتي تي هٿ هڻندي
هر دانهن ٻڌائيندي
سنڌ راڻي جو پتو توکي
هر دل ۾ هُو رهندي آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
هُو اڄ به زندهه آ
تو کي مڃڻو ئي پوندو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: