Follow me on Twitter
تون گهُرين هــــا
غزل
شاھجھان سُمیل
تون گهُرين هــــا ته ها ڪريون ها پرين
جسم جان کان جُـــدا ڪريون ها پرين
پاڻ وٽ پنهنجي بس حيـــاتي هــــــــئي
تو تان ســــا ڀــــي فـدا ڪريون ها پرين
لـــوڪ جيـــــڪي وفـــا شناس نه هو
تنهن سان ڇا لئه وفا ڪريون ها پرين
تـــون چــــوين هــــا ته هـــي زمــــانو
ڇا
پـــاڻ ســــان ڀـي دغـا ڪريون ها پرين
توکي منهنجي صدا جي روڪــــــي ها
پاڻ ڪا التـجاع ڪـــريون هـــا پـــرين
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: