Follow me on Twitter

ذات جي ڪا بقا ڳولجي ها پرين

غزل

شاھجھان سُمیل


ذات جي ڪا بقا ڳولجي ها پرين
عشق جي انتها ڳولجي ها پرين

تون رستن کي رهبر ڪرين ها نه جي
منزلن جو نشان ڳولجي ها پرين

توکي قسمت تي ڏاڍو يقين هو سڄڻ
نه ته وصل لئه دُعا ڳولجي ها پرين

پاڻ گڏجي جهان آزمايون ته ها
لوڪ ۾ ڀي وفا ڳولجي ها پرين

پهرين سوچون ها ڪنهن کان خطا ٿي هئي
بعد ۾ پوءِ سزا ڳولجي ها پرين

ايڏو اڳتي اچي ڇو ٿو سوچين سُميل
راهه موٽڻ جي ڪا ڳولجي ها پرين


0 comments: