Follow me on Twitter
پــرين جي شـهـر جـي ڳـلي
غزل
شاھجھان
سُمیل
پــرين
جي شـهـر جـي ڳـلي، فضـا جـي ڳالهه ٿا ڪريون
اکين
کان ٿي جا روز تنهن خطا جي ڳالهه ٿا ڪريون
ٿيـو
جـــو ذڪــــر بــــزم ۾ چـــنــــڊ جـــو ته مــــون چـــيو
سڄڻ
جي حُسن و ناز ۽ ادا جــي ڳــالهه ٿـا ڪــــريون
مــــــزاجِ
عـــــــاشـــقــي ۾ اڄ يــقــــين کــي ٿو ڳولجي
رهيو
نه ڀروسو آهي جفا جـــي ڳــــالهه ٿــا ڪــريون
چريو
آ هُو جو چُونڪ تي بيهي ٿو لوڪ کي چوي
دغا
جو تذڪرو ڇڏيو وفا جــي ڳالــهه ٿــــا ڪـــريون
بارشن
هٿان لٽُيل، خوشــين جــــي ڳـــــالهه تـــــــي چيو
خوشيون
ته بس رُسي ويون، قضا جي ڳالهه ٿا ڪريون
ڇڏيون
بتُن جي دللڳي، ڪري ۽ ترڪِ مئه ڪشي
اندر
۾ عاجزي رکي خدا جي ڳالهه ٿا ڪريون
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: