Follow me on Twitter
سوا تو رات سورن ۾
غزل
شاھجھان سُمیل
سوا تو رات سورن ۾
ڪتيون پرڀات سورن ۾
ويا ٿي عڪس سڀ ڌنڌلا
رهي هر تات سُورن ۾
ڪٿي آ ڇير جي ڇم ڇم
پُڇي ٿي سانت سُورن ۾
پکين ٻوليون ويون وسري
رهي هر لات سُورن ۾
هتي سانوڻ اڪيلائي
مان ۽ برسات سُورن ۾
هجر جي انتها ٿي وئي
اڃا پر ساٿ سُورن ۾
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: