Follow me on Twitter
ڊسمبر تو جيان آهي
ڊسمبر
تو جيان آهي (نظم)
شاهجهان سُميل
وفا
ساڳي، جفا ساڳي
اسان
کي درد بخشڻ جي
ادا
ساڳي، سخا ساڳي
رڳو
هڪ مان ئي ناهيان پر،
چيو
ساري جهان آهي
ڊسمبر
تو جيان آهي
پکين
جو شور ڀي ناهي
هوا
جو زور ڀي ناهي
صفا
خاموش تو وانگي
ڊسمبر
ٿو لڳي مونکي
لکي
مان ڇا لکان آهي
ڊسمبر
تو جيان آهي
هميشه
سرد موسم ۾
اچڻ
تنهنجو ملڻ تنهنجو
گهڙي
کن گڏ رهڻ تنهنجو
ايئن
مهمان ٿو ڏسجي
ڊسمبر
ڇا چوان آهي
ڊسمبر
تو جيان آهي
ڊسمبر
تو جيان آهي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: