Follow me on Twitter

طرح : پَرايو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پارَ وانگي هو

سرن ورکا طرحي مشاعري جي ٻي نشست
طرح : پَرايو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پارَ وانگي هو
صاحبِ طرح : محترم حسن درس
---------------------------------------------------------------------------------------------

سندس خاموش لهجو ڪنهن ڳُجهي گفتار وانگي هو
اسان جو پر مُنجهيل منڙو سدائين ٻار وانگي هو

خبر آهي نه چاهيو تو، نه ئي اقرار هو ڪوئي
مگر ويندي مُڙي تنهنجو ڏسڻ اظهار وانگي هو

هجر جون سي ڊگهيون راتيون پُڇين ٿو ڪيئن گذاريوسين
سڄڻ هر ڏينهن هر لمحو اوهان جي سار وانگي هو

ستارا ۽ لڳا سرتيون، افق ڀي ڄامشورو ٿيو
ڏٺو مون چنڊ کي جيڪر صفا دلدار وانگي هو

حسين تهذيب لهجن ۾، اها ساڳي شناسائي
پرايو ڳوٺ هو ليڪن پرين جي پار وانگي هو

پرين جي شهر مان ساقي گذر ٿيو ڪالهه جي منهنجو
ته هر آواز تي ڇرڪيم، سڏيو ڪنهن يار وانگي هو


1 comments:

عبيد ٿهيم said...

wah wah ! zabardast.. aakhiri band wanio.