Follow me on Twitter
طرح: ڄڻ پرين جي سار آهي شاعري
سرن
ورکا طرحي مشاعري جي پهرين نشست (منهنجو طرحي غزل)
طرح: ڄڻ پرين جي
سار آهي شاعري
صاحبِ طرح: محترم ادل
سومرو
-------------------------------------------------------------------------------------------
سوچ ۽ ويچار آهي شاعري
قول ۽ اقرار آهي شاعري
لفظ منهنجا آئينا بڻجي ويا
ٿي جڏهن اظهار آهي شاعري
چنڊ تارا ٿا ٻُڌن خاموش ٿي
هُن پڙهي جو يار آهي شاعري
هُن طرف ڇو موسمن جو رقص آ؟
مون لکي هن پار آهي شاعري
چنڊ کي هُن سان ڏني جي ڀيٽ مون
ٿي وئي تڪرار آهي شاعري
هجر سان ڪيڏو نڀائي ٿي اڃا
ڄڻ پرين جي سار آهي شاعري
ذڪر تنهنجي کان رهي غافل اُها
پاڻ لئه بيڪار آهي شاعري
وڊيو ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments: