Follow me on Twitter

ٻڌائي تون ڪنهن کي چئجي

غزل
شاھجھان سُمیل


ڪنڊن جي ڳالهه ئي ناهي
رڳو آ خوف مالهي جو
گُلن کي ڇا سرءُ جي پر
بهارون بي چيون آهن
ٻڌائي ڏوهه آ ڪنهن جو
ٻڌائي تون ڪنهن کي چئجي
صدين جو سانڍيل ورثو 
اسان کان ٿو اجهو کسجي
ڪٿي سوچون جناح پور جون
ڪٿي ساحل سڄو وڪجي 
شهر جا شهر سڀ کائي 
نظر ڳوٺن تي پئي رکجي
ننڊون تن جون نراليون هِن
ٿي جنهن لئه قوم هي ڪُسجي
دلالن جي دلاسن کي
ٻڌي هي قوم پئي ٿڪجي
ازل کان آ يقين مون کي
سنڌي هيڻو نه آ ليڪن
ڏنو جو درد آ پنهنجن 
ڪٿي اُن درد کي رکجي
ٻڌائي ڏوهه آ ڪنهن جو
ٻڌائي تون ڪنهن کي چئجي

0 comments: